حڪومت بجلي 1 رپيو 72 پيسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بجلي 1 رپيو 72 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي ڪابينا بجلي 1 رپيو 72 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا سرڪوليشن جي ذريعي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي 3 مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا مالي سال 2020ع جي چوٿين ٽه ماهي جي مد ۾ بجلي 82 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني، مالي سالن جي پهرين ۽ ٻين ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ بجلي 90 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ آڪٽوبر 2021ع کان لاڳو ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔