شاهه رخ کي ڇهڻ بعد سڄو ڏينهن هٿ نه ڌوتا: فاطمه ثنا شيخ

ممبئي : بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا فاطمه ثنا شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي ڇهڻ بعد سڄو ڏينهن هٿ نه ڌوتا. هڪ انٽرويو دوران فاطمه ثنا شيخ ٻڌايو ته هو ننڍپڻ ۾ ون ٽو ڪا فور ۾ چائلڊ اسٽار طور اداڪاري ڪري چڪي هئي ۽ جڏهن جوان ٿي ته دنگل ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته شاهه رخ خان سان پڻ منهنجي پهريون ڀيرو دنگل جي شوٽنگ دوران ملاقات ٿي. هن چيو ته ملاقات دوران مون شاهه رخ خان کي ڇهي ورتو ۽ پوءِ سڄو ڏينهن هٿ نه ڌوتا هن چيو ته شاهه رخ خان بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو سپر اسٽار آهي، سندس تمام گهڻي عزت ڪندي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔