شادي وقت گهوٽ فرار، ڪنوار ٻئي سان پرڻجي وئي

نئين دهلي: شادي وقت گهوٽ فرار ٿي ويو، ڪنوار ٻئي سان پرڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر ڪانپور جي هڪ شادي هال ۾ انوکو واقعو پيش آيو، ڪنواريتا ڪنوار وٺي پهتا ته گهوٽ موقعو ڏسي کسڪي ويو، ڳولا باوجود گهوٽ هٿ نه اچڻ جو ٻڌي ڪنوار بي حال ٿي وئي، جنهن سبب ٻنهي ڌرين ۾ سخت جملي بازي شروع ٿي وئي، ڌرين جي ڇڪتاڻ سبب ڪاڄ ۾ آيل هڪ نوجوان شادي جي آڇ ڪئي، جنهن تي ماحول ڪجهه ٿڌو ٿيو، ڌرين ۽ ڪنوار جي راضپي بعد نوجوان سان شادي رچائي وئي، گهوٽيتن گهوٽ جي گمشدگي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي جڏهن ته ڪنواريتن پاران گهوٽيتن تي دوکي بازي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔