عليزي شاهه پاران تنقيد ڪندڙن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار

لاهور: مشهور اداڪاره عليزي شاهه پاڻ مٿان تنقيد ڪندڙن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن ڳالهين کي احمقياڻيون قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عليزي شاهه اداڪاري کان پوءِ گلوڪاري ۾ به قدم رکيو آهي ۽ گيت جي وڊيو ۾ جهڙي طريقي سان عليزي جلوه ڏيکاري ٿي ان تي مداحن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي جنهن تي اداڪاره به رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ ان جو چوڻ هو ته مون تي ڪيل تنقيد ۽ ٺاهي ويندڙ ميمز احڪماڻي آهي.هن چيو ته فلسطين جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي بجاءِ معمولي موضوع اسان جي ملڪ ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي. آخر اسان جي ماڻهن سان مسئلو ڪهڙو آهي؟ ياد رهي ته عيد جي ٽئين ڏينهن عليزي شاهه جو پهريون گيت بدناميان رليز ٿيو جنهن ۾ ان جو ساٿ مشهور گلوڪار ساحر علي بگا ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔