خبردار! هيڊ فون سان ڊرائيونگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: تحقيق

نيويارڪ: ڊرائيونگ تمام گهڻو ڌيان گهري ٿي جنهن ۾ فون ٻڌڻ، ڊسپلي تي فلم ڏسڻ يا کائڻ پيئڻ سان اسان جو ڌيان ٻئي طرف وڃي سگهي ٿو ان حوالي سان ڪيترائي ماڻهو هيڊ فون ۽ ايئرفون لڳائي ڊرائيونگ کي معمولي سمجهندا آهن.هاڻ هڪ تحقيق سان خبر پئي آهي ته اهو عمل به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. آمريڪي ڪمپني فورڊ يورپ ۾ هڪ ڊگهو مطالعو ڪيو آهي جنهن جا نتيجا يو ٽيوب تي پوسٽ ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان هڪ ايپلي ڪيشن ٺاهي وئي هئي جنهن کي اٺ ڊائمينشن يا ايٽ ڊي جو نالو ڏنو ويو هو. ڪنٽرول ٿيل حالاتن ۾ اها ايپ اوهان جي ٻڌڻ سان هڪ اهڙو منظر قائم ڪندي آهي ته ائين لڳندو آهي جيئن اوهان حقيقي طور تي هر طرف آوازن ۾ گهيريل هوندا آهيون.فورڊ ڪمپني ان جي لاءِ مجازي حقيقت(ورچوئل ريئلٽي) ماحول ۾ شرڪت ڪندڙن کي ايٽ ڊي هيڊ فون پهرائي هڪ روڊ تي آندو ويو. هاڻ هتي شرڪت ڪندڙن جي آوازن جي باري ۾ پڇيو ويو. ان ۾ پٺيان کان ايمبولينس جون آوازون به شامل هيون. فورڊ ڪمپني سموري يورپ مان 2000 عورتن ۽ حضرات کي هن مطالعي ۾ شامل ڪيو هو.خبر پئي ته جيڪي ماڻهو هيڊ فون تي ميوزڪ ٻڌي رهيا هئا انهن روڊ جي آوازن کي ٻڌڻ ۽ رد عمل ظاهر ڪرڻ ۾ 4.2 سيڪنڊ جي دير ڪئي. ڏٺو وڃي ته اها گهڻي دير نه آهي پر تيز رفتاري ۾ اهو رد عمل ڪنهن حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ وقت جا اهي چند لمحا ڊرائيور يا واتهڙو جي وچ ۾ زندگي ۽ موت جو فيصلو به ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔