ابو ظهبي ۾دنيا جو پهريون اي آءِ سرڪاري ملازم متعارف

دبئي:ابوظهبي ڊجيٽل گورننس طرف اهم قدم کڻندي دنيا جو پهريون مصنوعي ذهانت تي مشتمل پهريون سرڪاري ملازم مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان جو اعلان گلف انفرميشن ٽيڪنالوجي ايگزهيبيشن GITEX Global 2025 دوران ڪيو ويو آهي. ابو ظهبي مختلف سرڪاري شعبن ۾ آٽوميشن لاءِ “TAMM AutoGov” جي رٿا شروع ڪئي آهي جنهن ۾ پهرين اي آءِ خادم جو افتتاح ڪيو ويو آهي. هي نئون نظام، جيڪو Department of Government Enablement (DGE) جي تحت تيار ڪيو ويو آهي، روزاني انتظامي ڪمن جهڙوڪ لائسنس جي تجديد، بلن جي ادائيگي، ۽ صحت جي ملاقاتن جي بڪنگ کي پاڻمرادو سنڀالي سگهي ٿو. هن جو مقصد اهو آهي ته رهواسي پنهنجي زندگيءَ تي ڌيان ڏئي سگهن، جڏهن ته سرڪاري خدمتون پس منظر ۾ خاموشي سان هلنديون رهن.
پس منظر ۾ ڪم ڪندڙ AI
DGE موجب، AutoGov سسٽم ابوظبي جي ڊجيٽل سفر جي نئين مرحلي جي نمائندگي ڪري ٿو. جنهن کي عملدارن “AI-native government” يعني مصنوعي ذهانت تي ٻڌل حڪومت سڏيو آهي. هي نظام TAMM پليٽفارم جو حصو آهي، جيڪو ابوظبي ۾ 1100 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ نجي خدمتن لاءِ هڪجهڙو ڊجيٽل پليٽفارم آهي.
نئون نظام ڪيئن ڪم ڪندو؟
صارف پنهنجي ذاتِي ترجيحات ۽ خودڪار سطحن کي مقرر ڪري سگهندا، ۽ سسٽم وقت تي ۽ محفوظ طريقي سان سموريون ٽرانزيڪشنز مڪمل ڪندو. TAMM AI Assistant صارف کي هوشيار، حالتن سان لاڳاپيل، ۽ اڳواٽ مدد فراهم ڪندو، ۽ ڪيترائي ڪم صارف جي طرفان پاڻ مڪمل ڪري سگهندو. اهڙيءَ طرح، هي سسٽم هر استعمال ڪندڙ جي تجربي ۾ ذاتي نوعيت ۽ اڳڪٿي واري سهولت وڌائيندو. احمد تميم هشام الڪتاب، چيئرمين DGE چيو: “هاڻي حڪومت صرف ردعمل ڏيکاريندڙ نه رهي آهي۔ دنيا جي پهرين ٽرانزيڪشنل AI سرڪاري خادم سان، ابوظبي دنيا کي ڏيکاري رهيو آهي ته هڪ اڳڪٿي ڪندڙ (anticipatory) حڪومت اصل ۾ ڪيئن هوندي آهي.”

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔