ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ عورتن ڪورونا وائرس کي ديوي جو درجو ڏئي ڇڏيو، پوجا شروع

اترپرديش: ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ عورتن ڪورونا وائرس کي ديوي جو درجو ڏيندي(ڪورونا مائي) جي پوجا شروع ڪري ڏني آهي جيڪا 21 ڏينهن تائين جاري رهندي.ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش جي ڳوٺ واراناسي ۽ ڪشي نگر ۾ عورتن جو وڏو انگ روزاني ندي ڪناري ڪلاڪن تائين ڪورونا مائي جي پوجا ڪندي آهي ته جيئن ان ديوي جي ڪاوڙ ختم ٿئي، وبا جو زور به ختم ٿئي ۽ مرندڙن جون حياتيون به بچي وڃن. پر هن پوجا دوران سماجي وٿي جو ڪوبه خيال نه پيو رکيو وڃي. ڪالهه به ڪشي نگر سان ملندڙ ندي جي ڪناري سوين عورتون قطار ٺاهي بيهي رهيون جنهن کان پوءِ انهن ڪورونا مائي جي پوجا شروع ڪري ڏني.ان حوالي سان اتان جي هڪ مقامي عورت صحافين کي ٻڌايو ته ڪيترن ئي پنڊتن چيو آهي ته اسان کي 21 ڏينهن تائين ديوي ڪورونا مائي جي پوجا ڪرڻي پوندي جنهن کان پوءِ اها وبا ختم ٿي ويندي. سماجي وٿي نه رکڻ جي باري ۾ هڪ ٻئي عورت جو چوڻ هو ته جڏهن مان ڪورونا مائي جي پوجا ڪري رهي هئس ته ان کان علاوه مون کي ڪنهن ٻئي شيءِ جي ضرورت نه آهي. عورت چيو ته ڪورونا مائي اسان تي مهرباني ڪندي ۽ اسان کي هن وبا مان پاڻ ئي محفوظ رکندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔