شاهه محمود قريشي ترڪ ۽ فلسطيني هم منصب سان گڏ نيو يارڪ روانو

انقرا: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ترڪ ۽ فلسطيني هم هنصب سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيو يارڪ روانو ٿي ويو.ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ترڪي مان هڪ ئي جهاز ۾ اڏام ڀري، جيڪي 20 مئي تي فلسطين بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. شاهه محمود قريشي نيو يارڪ ۾ جنرل اسيمبلي صدر سميت ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو. ان کان اڳ شاهه محمود قريشي فلسطيني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس فلسطين جي حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔