ايندڙ 5 سال به اسان جي حڪومت هوندي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ايندڙ 5 سال به اسان جي حڪومت هوندي ۽ ڪا قانون سازي نه بيهندي. اسلام آباد ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته چونڊ سڌارن تي سڀ جماعتون ويهن ۽ گڏيل فيصلو ڪن، اليڪشن ڪميشن مشين لاءِ 36 شرطون ڏنيون هيون، سڀ پوريون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بجلي سان ناهي هلندي، ان جي پنهنجي بيٽري آهي ۽ جيڪي موبائل استعمال ڪري سگهن ٿا، اهي مشين کي آرام سان هلائي سگهندا، جڏهن ته جيتري اليڪشن جي هن وقت لاڳت اچي رهي آهي، ايتري ئي انهن مشينن تي به ايندي، اسان 49 ترميمون ڏنيون آهن، اپوزيشن پنهنجون صلاحون ڏئي، اهو ڪو حل ناهي ته هر چونڊن کانپوءِ روئجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان نه رڳو وزيراعظم پر پارٽي چيئرمين به آهي، حڪومت جا ٻه سال پورا ٿي ويا آهن ۽ 3 سال به پورا ٿي ويندا، ايندڙ 5 سال به اسان جي حڪومت هوندي، ڪا قانون سازي نه سينيٽ ۾ بيهندي ۽ نه قومي اسيمبلي ۾ بيهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔