جهانگير ترين گروپ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو: شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جهانگير ترين گروپ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جو سعودي دورو تاريخي هو، جنهن سان ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ملي، هاڻ پاڪستان جا سعودي عرب سان لاڳاپا ايترا مضبوط ٿي ويا آهن، جيترا اڳ ڪڏهن نه هئا. هن چيو ته ڪابينا فلسطين کي امداد جي منظوري ڏني آهي، جمعي ڏينهن اڍائي وڳي لال حويلي ٻاهران فلسطينين جي حق ۾ جلسو ٿيندو، لال حويلي ٻاهران ڪورونا جو خيال رکي جلسو ڪيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گروپ ٺهندا رهندا آهن، اهي ماڻهو عمران خان سان گڏ آهن، جهانگير ترين گروپ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔