اٽي، کنڊ ۽ رنگ روڊ سميت سڀني ڪيسن کي انجام تي پهچائينداسين: نيب چيئرمين

اسلام آباد: نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته اٽي، کنڊ ۽ رنگ روڊ اسڪينڊل سميت سمورن ڪيسن کي انجام تي پهچايو ويندو. نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، ڊي جي آپريشنز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته وڏين مڇين خلاف اربين رپين جا 1269 ريفرنس عدالتن ۾ داخل ڪيا ويا آهن، نيب ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن ۽ ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، نيب جو ڪنهن سياسي جماعت، گروهه يا فرد سان واسطو ناهي پر رڳو رياست پاڪستان سان واسطو آهي. هن چيو ته شگر، اٽي، رنگ روڊ اسڪينڊل، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ڪيس کي انجام تي پهچايو ويندو، اختيارن جي ناجائز استعمال، آمدني کان وڌيڪ اثاثن، غير قانوني هائوسنگ سوسائٽين جي اسڪينڊلز کي به انجام تي پهچائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔