ملير ۾ قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضي ۽ آپريشن خلاف ڪيس ۾ ملڪ رياض کي نوٽيس جاري

ڪراچي : ملير ۾ قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضي ۽ آپريشن خلاف ڪيس ۾ ملڪ جَي وڏي بلڊر ملڪ رياض کي نوٽيس جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ملير کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، قديمي ڳوٺن تي قبضي ۽ آپريشن خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ: ٻڌڻي دوران ملير پوليس طرفان عدالت ۾ جواب جمع، جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته پوليس وارا فرضي رپورٽ کڻي آيا هوندا، عدالت درخواستگذار کي پوليس جَي جواب جِي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، قديمي ڳوٺن جي زمينن جا دستاويز به طلب ڪيا ويا آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔