سنڌ ۾ بيوٽي پارلر، شادي هال، مزارون ۽ پارڪس بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت عالمي وبا ڪورونا جي ڪري بيوٽي پارلر، شادي هالز ، مزارون ۽ پارڪ وڌيڪ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنده حڪومت ڪورونا ايس او پيز جي حوالي سان نئون حڪم نامو جاري ڪيو آهي جنهن تحت سينما گهر، بيوٽي پارلر ، شادي هالز ، مزارون ، پارڪس بند رهندا جڏهن ته راندين جي سرگرمين تي به پابندي برقرار رهندي.

نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري آفيسن جو ٽائيم به معمول موجب ڪيو ويو آهي ۽ ڪاروبار جا وقت به صبح 6 کان رات 8 وڳي تائين هوندا جڏهن ته سڄي صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ڪاروبار بند رهندو ، آفيسن ۾ملازمن جي حاضري 20 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي .

نوٽيفڪيشن موجب هوٽل ۽ ريسٽورينٽس لاءِ رات 12 وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت هوندي جڏهن ته ڊائن ان ٽيبل سروس تي به پابندي برقرار رهندي .

نوٽيفڪيشن موجب حڪم نامو 31 مئي تائين لاڳو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔