مس يونيورس 2021 جو اعزاز ميڪسيڪن سندري جي نانءُ

فلوريڊا : ميڪسيڪو جي 26 ورهين جي آندريا ميزا مس يونيوس 2021 جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو.
آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ مس يونيورس 2021 جي چونڊ لاءِ مقابلو ٿيو، 69هين سالياني مس يونيورس جي مقابلي ۾ دنيا جي 70 سندرين شرڪت ڪئي.
مختلف مرحلن کانپوءِ 26 ورهين جي مس ميڪسيڪو آندريا ميزا کي فاتح قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مقابلي ۾ برازيل ۽ پيرو جون سندريون ترتيب وار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيون.
مس يونيورس 2021 جو اعلان ٿيندي ئي آندريا جذباتي ٿي وئي ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، جڏهن ته مقابلي ۾ شريڪ ٻين سندرين کيس ڀاڪر پائي داد ڏنو.
واضح رهي هر سال مس يونيورس جو مقابلو ٿيندو آهي پر 2020 ۾ ڪورونا وبا سبب اهو مقابلو نه ٿي سگهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔