فلسطينين جي قتل عام خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج

غزا: غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۽ فلسطينين جي قتل عام خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي.
غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف لنڊن ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران هزارين ماڻهن اسرائيلي سفارتخاني ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي.
هوڏانهن آمريڪا، فرانس، جرمني، اسپين، ڏکڻ آفريقا، بيلجيئم، ترڪي، عراق ۽ لبنان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اسرائيل خلاف ريليون ڪڍيون ويون ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.
واضح رهي ته غزا ۾ اسرائيلي دهشتگردي جي نتيجي ۾ هيل تائين 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔