شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج

اسلام آباد: وفاقي حڪومت شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو لاهور هاءِ ڪورٽ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

وفاق گهرو وزارت جي ذريعي داخل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کان جواب گهريو نه ڪا رپوريٽ، پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو هڪطرفو فيصلو نٿو ڏئي سگهي. ڇو ته شهباز شريف جي واپس اچڻ جي ڪابه گارنٽي ناهي ۽ هو نوازشريف جي واپسي جو به ضامن آهي جڏهن ته شهباز شريف جي گهر واري، پٽ، ڌيءَ ۽ ناٺي اڳ ئي مفرور آهن.

گهرو وزارت جي اپيل ۾ شهباز شريف کي ڌر بنائڻ جو چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ نوٽيس جاري ڪرڻ کان سواءِ حتمي ريليف فراهم ڪري ڇڏيو. نوٽيس کان سواءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو  ڪوبه جواز نه هو. شهبازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست تي ان ڏينهن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جيڪو قانوني اصولن جي ابتڙ آهي. وفاق جي اپيل ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو  ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته  شهباز شريف بليڪ لسٽ ۾ نالو موجود هجڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو جنهن تي عدالت کيس علاج جي حوالي سان پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پر گذريل هفتي پرڏيهه روانگي جي لاءِ جڏهن شهباز شريف لاهور ايئرپورٽ پهتو ته اميگريشن اختيارين کيس اڏام ۾ سوار ٿيڻ جي اجازت نه ڏني جنهن تي اپوزيشن اڳواڻ  واپس گهر روانو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔