پرڏيهي وزير سان فلسطيني سفير جي ملاقات، غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان فلسطيني سفير احمد جواد امين ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

شاهه محمود قريشي معصوم فلسطينين جي شهادتن تي فلسطيني سفير سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسرائيلي بربريت روڪرائڻ لاءِ اهم مسلمان ملڪ ۽ عالمي برادري سان اسان جا رابطا جاري آهن.

وزيراعظم فلسطيني صدر محمود عباس ۽ مان فلسطيني هم منصب سان رابطو ڪيو. وزيراعظم حق خود اراديت جي جدوجهد ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. فلسطيني سفير مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو.

فلسطيني سفير فلسطين ۾ جاري جارحيت جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي. احمد جواد امين ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سفارتي ڪاوشن جي به تعريف ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔