ملڪ ۾ ڪورونا وبا کي روڪڻ لاءِ گذريل 9 ڏينهن کان جاري لاڪ ڊائون ختم

اسلام آباد:  ملڪ ۾ ڪورونا وبا کي روڪڻ جي لاءِ نون ڏينهن  کان جاري لاڪ ڊائون کي ختم ڪيو ويو جنهن سبب ڪاروبار واري زندگي بحال ٿي وئي آهي.

سموريون مارڪيٽون، شاپنگ مال ۽ واپاري مرڪز کلي ويا جڏهن ته ٽرانسپورٽ جا اڏا به بحال ٿيڻ سان رونقون بحال ٿي ويون آهن. بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ به ماڻهن جي رش وڌي وئي آهي. لاڪ ڊائون سبب ملڪ جون رونقون گهٽ ٿي چڪيون هيون ۽ عيد جي ٽئين ڏينهن به ويراني هئي. پر هاڻ لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ سان سموريون ننڍيون وڏيون مارڪيٽون، واپاري مرڪز شاپنگ مال کلي ويا آهن.

دڪاندارن اڄ  خوشي سان مارڪيٽون کوليون، ٽرانسپورٽ اڏا کلڻ سان مسافرن جي مختلف شهرن ۾ به اچ وڃ شروع ٿي وئي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان رات 8 وڳي دڪانون بند ڪرڻيون پونديون.

جڏهن ته تفريحي ماڳ، پارڪس، تعليمي ادارا، شادي هال مارڪيٽون، چڙيا گهر، وائلڊ لائف پارڪ ۽ سياحتي ماڳ ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندا. هوٽل ۽ ريسٽورنٽس تي صرف ٽيڪ اوي جي سهوليت ميسر هوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔