بشريٰ انصاري جي ڀيڻ ۽ مشهور اداڪاره سنبل شاهد ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور: گذريل هڪ مهيني کان عالمي وبا ڪورونا جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي مشهور اداڪاره سنبل شاهد لاڏاڻو ڪري وئي.بشريٰ انصاري پنهنجي ڀيڻ جي لاڏاڻي جي افسوسناڪ خبر ٻڌائيندي چيو ته سنبل شاهد ڪورونا وگهي لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. سنبل شاهد کي هڪ مهينو اڳ ڪورونا ٿيو هو ۽ بشريٰ انصاري عوام کان پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا دعائن جي درخواست به ڪئي هئي.بشريٰ انصاري ٻڌايو ته ڏيڍ سال اڳ سنبل شاهد جو پٽ شيراز به فوت ٿي ويو هو. شيراز چترال ۾ پيرا گلائيڊنگ ڪندي حادثي جو شڪار ٿيو هو.ياد رهي ته سنبل شاهد ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو هو. جڏهن ته تازو ئي هو ڊرامه سيريل(نند) ۾ نظر آئي هئي جنهن ۾ ان جي اداڪاري کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔