ڀارتي اداڪاره اڀي لاشا پاٽل ڪورونا وگهي فوت ٿي وئي

ممبئي: ڀارتي اداڪاره اڀي لاشا پاٽل ڪورونا وائرس وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويٺي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي فلم”ڇڇوري“ جي ادڪاره اڀي لاشا پاتل ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي وئي، اداڪاره اڀي لاشا ڪيترين ئي مراٺي فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي، ان کان علاوه عاليا ڀٽ ۽ ورون ڌون جي فلم”بدري ناٿ ڪي دلهنيا“ ۽ ڪرينا ڪپور سان فلم”گڊ نيوز“ ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
اداڪاره جي موت جو ٻڌي مراٺي ۽ بالي ووڊ فلم انڊسٽري صدمي ۾ وٺجي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔