طالبان فورس تي آمريڪي جهازن جي شديد بمباري

ڪابل: افعانستان جي ڏاکڻين حصي ۾ طالبان جي وڏي حملي کان بچڻ لاءِ آمريڪا جنگي جهازن جي بمباري ذريعي افعان فورسز جي مدد ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي اي ايف پي چيو آهي ته افغانستان جي ڏاکڻين صوبي هلمند ۾ گذريل هفتي کان شديد لڙائي جاري آهي، جڏهن ته آمريڪي فوج پاران ملڪ مان باضابطه طور نڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
آمريڪي فوج کي گذريل سال طالبان سان ٿيل معاهدي موجب پهرين مئي تائين روانگي جو عمل مڪمل ڪرڻو هو پر واشنگٽن اهڙي وقت ۾ 11 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي جنهن تي طالبان ناراض ٿي پيا.
سرڪاري عهديدار عتيق الله افغان چيو آهي ته بمباري ايڏي شديد هئي جو ڪيترن ئي سالن کان اهڙي بمباري نه ڏٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔