سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال بھتر ناھي ،سمجهه ۾ نٿو اچي ته لاڪ ڊائون لاءِ ڪهڙي شيءِ جو انتظار ڪيو پيو وڃي، :وڏو وزير

اسلام آباد: وزيراعظم چئي ٿو گهٻرايو نه، آئون ته اڳ ئي گهٻرائجي ويو آهيان، سمجهه ۾ نٿو اچي ته لاڪ ڊائون لاءِ ڪهڙي شئي جو انتظار ڪيو پيو وڃي، اپريل ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ گهرجي ها، اسان دير ڪري ڇڏي،

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن، وفاقي سرڪار ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران وڏي وزير چيو تههاڻي پي ٽي آءِ هڪ ميٽر به ٺاهي ورتو آهي ته ايس او پيز تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو،

سنڌ ۾ ڪورونا جي صورتحال گهڻي بهتر ناهي، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو حيران ڪندڙ هو، تڏهن به فيصلي کي قبول ڪيو.اين اي 249 ننڍي چونڊ ڏهاڙي ڪا به شڪايت نه آئي، تڪ ۾ ڪنهن به پولنگز تي ڌانڌلي نه ٿي، ٻيهر ڳڻپ واري درخواست آر او رد ڪري ڇڏي،

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو حيرت جوڳو آهي، پوءِ به اليڪشن ڪميشن جو ٻيهر ڳڻپ وارو فيصلو مڃون ٿا، ملڪ ۾چونڊ سڌارن جي بلڪل به ضرورت آهي، چونڊ سڌرا اتفاق راءِ سان ممڪن آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔