سموري دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جون هڪ ارب سورنهن ڪروڙ خوراڪون لڳايون ويون

واشنگٽن: 2 مئي تائين جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سموري دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جون هڪ ارب 16 ڪروڙ خوراڪون لڳايون ويون آهن.انگن اکرن موجب هن وقت دنيا جي آبادي 7 ارب 33 ڪروڙ آهي. جڏهن ته ڪورونا ويڪسين جون هڪ ارب 16 ڪروڙ خوراڪن مان اڌ خوراڪون صرف 3 ملڪن چين، آمريڪا ۽ ڀارت ۾ لڳايون ويون آهن. پرڌيهي ميڊيا موجب دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو اڳيان وڌي ڪورونا ويڪسين لڳرائي رهيا آهن.ڪورونا ويڪسينيشن جي حوالي سان چين سڄي دنيا ۾ اڳيان آهي. جتي هينئر تائين ڪورونا ويڪسين جون 27 ڪروڙ 53 لک خوراڪون لڳايون ويون آهن. آمريڪا ۾ هينئر تائين 24 ڪروڙ 55 لک 90 هزار، ڀارت ۾ 15 ڪروڙ 42 لک، برطانيه ۾ 4 ڪروڙ 98 لک ۽ برازيل ۾ 4 ڪروڙ 41 لک جي انگ ۾ ڪروونا ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي.ٻئي طرف جرمني ۾ 3 ڪروڙ هڪ لک، ترڪي ۾ 2 ڪروڙ 30 لک، فرانس ۾ 2 ڪروڙ 22 لک ۽ اٽلي ۾ 2 ڪروڙ 7 لک ڪورونا جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. اسرائيل ۽ متحده عرب امارات ۾ ٽوٽل آبادي جي انگ کان به وڌيڪ ويڪسين لڳائي وئي آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته اتي ڪورونا ويڪسين جي ٻئي خوراڪ به وڏي انگ ۾ لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔