ٽوئٽر ڇهه سئو کان وڌيڪ فالوورز وارن اڪائونٽن تي آڊيو اسپيس کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا: آڊيو سوشل ميڊيا خاص طور ڪلب هائوس جي اعلان ۽ مشهوري کان پوءِ هاڻ ٽوئٽر به آڊيو اسپيس جو اعلان ڪري ڇڏيو اهي جنهن جي تحت سڄي دنيا ۾ 600 کان وڌيڪ فالوورز وارا صارفين هن سهوليت مان فائدو کڻي سگهن ٿا.هي سهوليت ايپل ۽ اينڊرائيڊ ٻنهي فونن جي لاءِ دستياب آهي. ڏٺو وڃي ته ان جا تجربا مارچ کان جاري هئا پر هاڻ ان کي سڄي دنيا جي صارفين لاءِ کوليو ويو آهي. ٽوئٽر ان حوالي سان باضابطه طور تي هڪ اعلان ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح ماڻهو پنهنجي فالورز ۽ مداحن کي سڌو سنئون آواز جي ذريعي رابطو ۽ ڳالهيون به ڪري سگهن ٿا.ان حوالي سان حاصل ڪيل تجربن مان اسان آڊيو اسپيس کي وڌيڪ بهتر ۽ استعمال ۾ آسان بنائينداسين. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪلب هائوس ۾ ڪيترن ئي قسمن جون حدون رکيون وينديون آهن پر ٽوئٽر چيو آهي ته ان حوالي سان ڪابه حد ۽ شرط نه پئي رکي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔