اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت نواز ليگ جي درخواست تي ٻڌڻي جاري

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت نواز ليگ جي درخواست تي ٻڌڻي جاري آهي، نواز ليگ صحيحن بنا جاري ٿيل فارم 45 اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏيا، نواز ليگ اُميدوار مفتاح اسماعيل جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو آهي ته 167 پولنگ اسٽيشن جي فارم 45 تي صحيحون ٿيل ئي نه هيون، نواز ليگ جي پولنگ ايجنٽس کي فارم 46 به جاري نه ڪيو ويو، فارم 46 جاري نه ٿيڻ وارو عمل پريشان ڪندڙ آهي، اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ بي ضابطگيون ڪيون ويون، نواز ليگ طرفان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔