پاڪستان: ڪورونا سبب 161 فوت، مهيني بعد 4 هزار کان گهٽ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 161 ڄنا وائرس وگهي فوت ٿي ويا.

پاڪستان ۾ انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 37587 ٽيسٽ ڪيرا ويا جنهن ۾ 3377 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس جي ڪري 161 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ملڪ ۾ تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ چار هزار کان گهت ڪيس سامهون آيا آهن، گذريل مهيني 5 اپريل تي ڪورونا جا 3953 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3377 ڪيس سامهون آيا هئا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 8.9 سيڪڙو رهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو انگ 18310 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيسز 8 لک 37523 تائين پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 86151 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔