آڊيشن ۾ بار بار ناڪامي تي آپگهات جو سوچيندي هيس: ڀارتي اداڪاره

ممبئي: ڀارتي ٽي وي جي اداڪاره جيسمين ڀاسن ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش ايندڙ جدوجهد بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته آڊيشن ۾ بار بار ناڪامي تي آپگهات جو سوچيندي هيس.
ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي 26 سالن جي اداڪاره جو چوڻ هو ته کيس آڊيشن وقت ڪيترائي ڀيرا فيل ڪيو ويو جنهن ڪري هوءَ پاڻ تان اعتماد وڃائي ويٺي هئي.
جيسمين ڀاسن مطابق هن هڪ ويڙهاڪ وانگي آپگهات وارين حالتن سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي خامين کي قبول ڪندي اونڌاهي واري مشڪل مرحلي کي پار ڪيو.
اداڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن آئون ممبئي ۾ جدوجهد جي سفر مان گذري رهي هئي هيس ته ان وقت منهنجي ويڙهه پنهنجي پاڻ سان هئي ڇو ته آئون ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو اعتماد وڃائي رهي هيس.
جيسمين موجب کيس لڳندو هو ته منجهس خاميون آهن، هن جي چمڙي عيب واري آهي، سندس نقش سٺا ناهن، اهوئي سبب هو جو کيس روز روز رد ڪيو ويندو هو ان جي ڪري ئي مونکي آپگهات جا خيال ايندا هئا.
اداڪاره چيو ته پاڻ کي قبول ڪرڻ سان کيس سندس وڃايل اعتما حاصل ٿيو، کوٽ ۽ خاميون ئي ان کي ٻين کان منفرد بڻائينديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔