ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 4 ڏينهن واڌ

لاهور : لاهور جي مقامي عدالت رياست مخالف بيان ڪيس ۾ گرفتار ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. پوليس جاويد لطيف کي بڪتربند گاڏي ۾ ماڊل ٽائون ڪچهري ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کان وڌيڪ رمانڊ جي اپيل ڪئي. جاچ آفيسر چيو ته جاويد لطيف جي پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻي آهي، جڏهن ته جاويد لطيف جي وڪيل رمانڊ ۾ واڌ ۽ ٽيسٽ جي مخالفت ڪندي چيو ته منهنجي اصيل ڪهڙي اداري خلاف ڳالهه ڪئي آهي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ جاويد لطيف کي 7 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔