حڪومت جو ناموس رسالت صه قانون تي سمجهوتو نه ڪرڻ اعلان

اسلام آباد: حڪومت يورپي پارليامينٽ جي پاڪستان مخالف ٺهرائن جي جواب ناموس رسالت صه جي قانون ۽ قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻ واري معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم جي سربراهي ۾ هڪ اجلاس رٿيو ويو جنهن ۾ يورپي پارليامينٽ طرفان پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس تي نظرثاني جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ختم ٿيڻ سان پاڪستان کي ٽي ارب ساليانو نقصان ٿي سگهي ٿو، يورپي يونين سان انساني آزادي جي حق، جبري گمشدگين جي خاتمي، اقليتن جي تحفظ ۽ عورتن جي حقن سميت 8 معاهدا ٿيا پر معاهدي ۾ مذهب جي حوالي سان ڪا به شرط طئي نه ڪئي وئي هئي، ڪابينا جي قانون ساز ڪميٽي کان منظوري وٺي جلد مسودو اسيملي ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ناموس رسالت جي تحفظ ۽ قانون ۽ قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻ واري معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، پاڪستان جي رياست نه پاڻ ۽ نه ڪنهن ٻئي کي مذهب جي نالي تي تشدد جي اجازت ڏيندي، سموري يورپي يونين جي ملڪن سان ان معاملي تي ڳالهيون ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔