انوشڪا ڪورونا خلاف گڏجي وڙهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

ممبئي: ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما ڀارتي عوام کي ڪورونا جي خلاف متحد ٿي وڙهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن سالگرهه جي مبارڪ ڏيندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ ۽ مشڪل حالتن ۾ مونکي سٺو نٿو لڳي ته آئون پنهنجي سالگرهه ملهايان، آئون ان موقعي تي ڀارتي عوام کي اپيل ٿي ڪريان ته هن مشڪل حالتن ۾ متحد ٿيو.
انوشڪا شرما چيو ته آئون ۽ ويرات ڪوهلي ڪورونا جي ڪري پيدا ٿيندڙ ان بحراني ڪيفيت ۽ مشڪل حالتن ۾ پنهنجو پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ جلد هڪ مهم هلائڻ وارا آهيون جنهن ۾ عام ماڻهون به پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔