ڀارت ۾ ڪورونا جون تباهيون جاري

نئين دهلي: ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 3 هزار 689 مريض فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 3 هزار 689 ماڻهو فوت ٿي ويا، ملڪ ۾ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 2 لک 15 هزار 600 ٿي ويو آهي،اهڙيءَ طرح هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا جا 3 لک 93 هزار ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا کان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ هڪ ڪروڙ 95 لک ٿي ويو آهي.
ڀارت ۾ روزانو ڪورونا ڪيسز 3 لک کان وڌيڪ ٿيڻ جي سلسلي کي اڄ ٻارهون ڌينهن آهي جڏهن ته چئن ڏينهن کان فوتگين جو انگ به 3 هزار کان وڌيڪ رهيو آهي، اسپتال ڀرجي ويون آهن ۽ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔