ميانمار ۾ باغي هٿياربند تنظيم پاران فوجي هيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ جي دعويٰ

رنگون: ميانمار ۾ باغي تنظيم ڪاچن انڊپينڊنٽس آرمي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ويڙهاڪن بمباري بعد واپس ويندڙ ملٽري هيلي ڪاپٽر کي نشانو بڻائي ڪيرائي ڇڏيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب ميانمار جي باغي تنظيم صوبي ڪاچن جي ڳوٺ مونيموڪ ۾ هڪ ملٽري هيلي ڪاپٽر کي ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هي هيلي ڪاپٽر ڳوٺ تي بمباري ڪري واپس وڃي رهيو هو.
مقامي ميڊيا به ڪاچن ۾ ملٽري هيلي ڪاپٽر جي حملي ۾ تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنين ۾ هڪ تباهه ٿيل جهاز مان دونهون نڪرندي ڏٺو ويو آهي پر سرڪاري طور ان جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔