جنگ سٽيل ملڪ شام ۾ ڪورونا خلاف ويڪسينيشن مهم شروع

دمشق : گهرو ويڙهه جو شڪار ملڪ شام ۾ ڪورونا وائرس خلاف ويڪسينيشن مهم جي شروعات ٿي وئي آهي.
شامي باغين جي قبضي هيٺ آخري علائقي ۾ هڪ 45 ورهين جي فرنٽ لائن نرس کي ڪورونا جي ويڪسين لڳائي وئي، اها نرس ادلب شهر جي ابن سينا اسپتال جي عملي جي ميمبر آهي.
واضح رهي ته 21 اپريل تي ايسٽرا زينيڪا ويڪسين جون تقريبن 54 هزار خوراڪون ترڪي ذريعي اتر اولهه شام پهچايون ويون هيون.
ادلب ۾ صحت کاتي جي مقامي اختيارين موجب شام کي اها ويڪسين گڏيل قومن جي ”ڪوويڪس پروگرام“ تحت فراهم ڪئي وئي آهي.
عالمي اداري طرفان ان پروگرام تحت سڄي دنيا جي غريب ۽ ترقي پذير ملڪن کي ڪورونا ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔