زيارت ريزيڊنسي ۾ قائداعظم جو قد آور مجسمو نصب

زيارت: ملڪ جي ناليواري مجسمي ساز، فنڪار ۽ فوٽوگرافر فقيرو سولنگي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو هڪ قدآور مجسمو تيار ڪيو آهي جنهن کي زيارت ۾ قائداعظم جي ريزيڊنسي ۾ نصب ڪيو ويو آهي .

فائبر گلاس ۾ مڪمل ۽ باوقار مجسمو 5 × 20 × 7      فوٽ سائيز جو آهي . فقيرو سولنگي زيارت ريزيڊنسي جي هڪ ٻئي داخلي ماڳ لاءِ پاڪستان جي باني جو پٿر جو مجسمو به تيار ڪري رهيو آهي . فقيرو پنهنجي ان شاهڪار ڪم جي تصوير به سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي آهي .

فقيرو کي پنهنجي ڪاريگري ، مهارت ۽ فن جي خدمت جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آهن ، کيس تمغه امتياز سان به نوازيو ويو ،فقيرو سولنگي پاڪستان ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن جا 300 کان وڌيڪ مجسما تيار ڪرڻ جو اعزازرکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔