اين سي او سي جي هدايت تي بينڪن جو وقت تبديل

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي هدايت تي بينڪن جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي.
اين سي او سي طرفان ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ واري فيصلي تحت بينڪن جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بينڪ موجب سومر کان خميس بينڪن جو واپاري وقت صبح 9 وڳي هوندو جڏهن ته بينڪن جو آفيس وارو وقت سومر کان خميس صبح 9 کان منجهند 2 وڳي تائين هوندو.
بينڪن جي پبلڪ ڊيلنگ جمعي جي ڏينهن صبح 9 وڳي کان منجهند 12:30 وڳي تائين هوندي ۽ جمعي تي بيڪن جو آفيس ٽائيم صبح 9 وڳي کان 1 وڳي تائين هوندو.
اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته نئين وقت تي عملدرآمد اڄ کان ئي شروع ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔