شڪايتن جي باوجود فيس بڪ ۽ گوگل تي ڌوڪو ڏيندڙن جا اشتهار جاري: سروي

لنڊن: فيس بڪ ۽ گوگل ڌوڪو ڏيندڙن جا واقعا سامهون اچڻ کان پوءِ به پنهنجي پليٽ فارمز تان آن لائن اسڪيم(مالياتي ڌوڪو ڏيندڙن تي ٻڌل جعلي اسڪيمن) جا اشتهار هٽائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.ان ڳالهه جو انڪشاف صارفين کي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ برطانوي ڪنزيومر واچ ڊاگ وچ هڪ تازي سروي کان پوءِ ڪيو آهي جنهن موجب فراڊ سبب متاثر ماڻهن جي شڪايتن کان پوءِ به گوگل ۽ فيس بڪ تي اهي اشتهار ساڳئي طرح سان نظر اچي رهيا آهن. سروي موجب رپورٽ ڪيل ٻه نمبر اشتهارن ۾ گوگل 34 سيڪڙو، جڏهن ته فيس بڪ 26 سيڪڙو کي هٽائڻ ۾ ناڪام رهيو.ان جي ابتڙ هن ٻنهي ڪمپنين جو چوڻ اهي ته انهن پنهنجي پليٽ فارمز تان ڌوڪو ڏيڻ تي ٻڌل اشتهارن کي هٽائي ڇڏيو آهي جيڪي هاڻ هنن جي پليت فارم تي موجود نه آهن. سروي ۾ شامل 15 سيڪڙو ماڻهو آن لائن ڌوڪو ڏيڻ جي اشتهارن جو شڪار ٿيا ۽ انهن کي رپورٽ به ڪيو. انهن مان 27 سيڪڙو فيس بڪ ۽ 15 سيڪڙو گوگل تي هئا. جڏهن ته 43 سيڪڙو پاڻ سان ٿيندڙ فراڊ کي ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي رپورٽ نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔