پنجين پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي ٻنهي ميچز ۾ فتح جي ضرورت آهي

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پنجين پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي ٻنهي ميچز ۾ فتح جي ضرورت آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پنجين پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ ٻنهي ميچن ۾ فتح جي ضرورت آهي تنهن ڪري زمبابوي هڪ مقابلو ڊرا ڪيو ته هڪ پوائنٽ گهٽ ٿيڻ تي ڏکڻ آفريقا اڳيان نڪري ويندو.
پاڪستان جي موجوده ريٽنگ پوائنٽس جو انگ 90 آهي، ڀارت (120)پهرين، نيوزيلينڊ(118) ٻين، آسٽريليا (113) ٽين ۽ انگلينڊ (106) چوٿين نمبر تي آهي،گرين ڪيپس زمبابوي خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ کٽي ته صرف هڪ ريٽنگ پوائنٽ حاصل ۽ پنجين پوزيشن برقرار رهندي.
ياد رهي ته زمبابوي جي ٽيم في الحال آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 29 ريٽنگ پوائنٽس سان 10 هين نمبر تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔