جرمني ۾ ڪلينڪ تي حملي دوران چار ڄڻا اجل جو شڪار

برلن:جرمني ۾ هڪ ڪلينڪ تي حملي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جرمني جي هڪ ڪلينڪ تي هڪ ماڻهوءَ حملو ڪري 4 ڄڻن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن جي عمر 51 سال ٻڌائي پئي وڃي ۽ ڪلينڪ جو اڳوڻو ملازم آهي، حملي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو پر جاچ شروع ڪري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔