ٽائيفائيڊ ويڪسين جو اگهه مقرر نه ڪرڻ تي عدالت جي ڊريپ تي ڪاوڙ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽائيفائيڊ جي ويڪسين جو اگهه مقرر نه ڪرڻ تي ڊريپ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته ڊريپ وارا ڪجهه ڪرڻ به چاهن ٿا يا نه؟ ڊريپ وارا پنهنجو ڪم ته ڪن. سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڊريپ جو سي اي او ايڪٽنگ چارج کڻي ويٺو آهي، ٽائيفائيڊ ويڪسين جي قيمت ڇو مقرر نه پيا ڪن؟ آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟ عدالت عاليه چيو ته ماڻهو ٽائيفائيڊ مان متاثر ٿي رهيا آهن، هنن جي فڪر کي ناهي. فارما سيوٽيڪل جي وڪيل ستار پيرزادي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽائيفائيڊ جي ويڪسين موجود آهي پر ڊريپ اگهه مقرر نه پيو ڪري، حڪومت جي مقرر ڪيل قيمت تي ويڪسين وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 مئي تي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته 4 مئي تائين ٽائيفائيڊ جي ويڪسين جو اگهه مقرر ڪري رپورٽ پيش ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔