جھانگير ترين اپوزيشن اڳواڻن جيان ڪيسز کي منھن ڏيندو:عمران اسماعيل

ڪراچي: وزيراعظم جهانگير ترين جَي دوستن آڏو واضح ڪري ڇڏيو ته ڪنهن لاءِ به احتساب ۾ لچڪ نه آڻينداسين، جهانگير ترين به اپوزيشن اڳواڻن جيان ڪيسز کي منهن ڏيندو، دُعا آهي ته جهانگير ترين الزامن کان آجو ٿي وڃي، سنڌ جَي گورنر عمران اسماعيل وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم جهانگير ترين جِي شڪايتن جي جاچ جي ذميواري علي ظفر کي ڏني آهي، جهانگير ترين به علي ظفر تي اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو، پڪ اٿئون ته جهانگير ترين ۽ سندس حامي پي ٽي آءِ لاءِ برو نٿا چاهين، عمران خان سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اپوزيشن وٽ ڪو اشو ناهي رهيو ته مهانگائي تي واويلا ڪري رهي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔