ڪراچي ۾ يو ڪي ويرينٽ ۽ بي 1135 ويرينٽ به آڏو اچي ويو

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته ڪراچي ۾ يوڪي ويرينٽ سان گڏ ”بي 1135“ ويرينٽ به سامهون اچي ويو آهي. سنڌ جي صحت واري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ڪورونا جي 22 ڪيسن تي جاچ ڪئي وئي، 18 ۾ يوڪي ويرينٽ، جڏهن ته 2 ۾ بي 1135 ويرينٽ جي تصديق ٿي وئي آهي. هن چيو ته وفاق کان درخواست جي باوجود برطانيا مان ايندڙ کي آئسوليٽ نه ڪيو، سڄي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. صحت واري صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ سڀاڻي کان انٽر سٽي بس سروس بند ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام احتياط ڪري، ماسڪ پائي ۽ سماجي فاصلو برقرار رکي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔