پاڪستان جو ڀارت ۾ گرفتار ڪشميري اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ڳنڀير صورتحال کي ڏسندي حراست هيٺ ڪشميري اڳواڻن جي صحت بابت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سندن آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. صحافين کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي زاهد حفيظ چوڌري چيو ته ڪورونا وبا دوران حراست هيٺ حريت قيادت جي صحت تي ڳڻتي آهي، ڀارت جي جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي رکيل آهن، ڪجهه گرفتار ڪشميري اڳواڻن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي پر ڀارت انهن کي طبي امداد ناهي ڏني، اسان گرفتار ڪشميري اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ٿا ڪيون. هن چيو ته ڀارت کي ڪورونا جي صورتحال تي خير سگالي جذبي تحت مدد جي آڇ ڪئي آهي ۽ ڀارت کي ڊجيٽل ايڪسري، وينٽي ليٽر ۽ پي پي ايز فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڀارتي عوام سان مڪمل طور ايڪتا جو اظهار ڪيون ٿا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي سان اسان جا آمريڪا ۾ موجود مشنز مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو ڪو اطلاع ناهي، جيڪڏهن خدا نه ڪري اهڙو ڪجهه ٿي وڃي ته آمريڪي حڪومت تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ جي پابند آهي، اسان عافيا صديقي جي صحت ۽ زندگي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔