اي اين پي دٻاءَ سبب عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو، پ پ لاءِ دَر کليل آهن: فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پ پ اتحاد ۾ واپسيءَ جي خواهشمند آهي ۽ ان لاءِ دَر کليل آهن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن جون ٻئي وڏيون جماعتون پ پ ۽ ن ليگ استعيفائن لاءِ تيار ناهن، اپوزيشن جماعتن منهنجو اسيمبلين مان حلف نه وٺڻ جو مطالبو نه مڃي پنهنجو نقصان ڪيو، جيڪڏهن اپوزيشن ميمبر ڪجهه عرصو حلف نه کڻن ها ته معاملن جي نوعيت مختلف هجي ها. هن چيو ته پ پ ۽ اي اين پي جون استعيفائون منظور ناهن ڪيون، پ پ اتحاد ۾ واپسي جي خواهشمند آهي پر اسان جي شرط تي سوچ ويچار سبب دير ٿي رهي آهي، پ پ ۽ اي اين پي لاءِ اتحاد ۾ شموليت لاءِ ڪا رنڊڪ ناهي، جيڪڏهن پ پ اسان جو موقف تسليم ڪري ته اسان سينيٽ ۾ ان جي اپوزيشن ليڊر کي تسليم ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته اي اين پي به باپ کان ووٽ وٺڻ تي پ پ سان ڪاوڙيل آهي، اي اين پي قيادت کي ڪنهن دٻاءَ سبب اتحاد کان عليحدگي جو اعلان ڪرڻو پيو، پ پ لاءِ دَر کليل آهن، اسان جيڪا وضاحت طلب ڪئي هئي، اها ڏين ته معاملا اڳتي وڌندا. فضل الرحمان چيو ته اتحاد برقرار آهي ۽ عيد کانپوءِ ان جو سربراهي اجلاس گهرايو ويندو، پي ڊي ايم ۾ هاڻ ن ليگ جي قيادت شهباز شريف ڪندو، عيد کانپوءِ ڀرپور عوامي رابطا مهم هلائي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ عمران ۽ عارف علوي جي رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔