ادارن کي ڌمڪائڻ ۽ ماتحت رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ن ليگ جي عادت آهي: فردوس عاشق

لاهور: سڌُ سماءَ بابت پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ادارن کي ڌمڪائڻ ۽ پنهنجي ماتحت رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪرپٽ ن ليگ جي عادت آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرپٽ ظِل سبحاني، هن جا چيلا ۽ بادشاهه زادي کي محترم ججن ۽ عدالتي احترام جون ڳالهيون ڪندي شرم اچڻ گهرجي، ماضي ۾ ڪرپٽ ظِل سبحاني جسٽس قيوم کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ۽ مخالفن کي پنهنجي منشيا جي موجب سزائون ڏياريندا رهيا، ن ليگ طرفان ججن کي ڌمڪايو ويندو رهيو، نهال هاشمي جهڙي درٻارين سان ججن ۽ هنن جي اولادن کي مستقبل جون ڌمڪيون ڏنيو وينديون رهيون. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ادارن کي گاڊ فادر جي تسلط کان آزاد ڪرڻ تحريڪ انصاف حڪومت جو مشن آهي، سسلين مافيا جي ملڪي ادارن ۾ موجود باقيات کي پاڙان پٽينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔