ڀارت ۾ ڪورونا سبب ريڪارڊ فوتگيون،انگ ٻه لک ٿي ويو

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا جي ٻين لهر تباهي مچائي ڏني آهي، نئين معلومات موجب هن وقت تائين ڪورونا سبب 2 لک زندگيون موت ۾ تبديل ٿي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 لک 60 هزار 960 ڪيسز رپورٽ ٿيا جنهن کانپوٰءِ ملڪ ۾ ڪيسن جو انگ 80 لک تائين پهچي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 3293 فوتگيون رپورٽ ٿيون جيڪي روز ريڪارڊ ٿيندڙ فوتگين ۾ سڀ کان وڏو ريڪارڊ آهي، فوتگين جو مجموعي انگ 2 لک 1187 ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته ڀارت ۾ گذريل هڪ هفتي دوران روزاني جي بنياد تي ڪورونا جا 3 لک يا ان کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب صورتحال ايتري خراب ٿي وئي آهي جو اسپتالن ۾ هاڻ مريضن جي لاءِ جاءِ ناهي ۽ ميتن کي دفنائڻ ساڙڻ لاءِ وارثن کي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔