ننگرهار ۾ هٿياربند جي فائرنگ دوران پنج ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ هٿياربند جي فائرنگ سان 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا.
افغان ميڊيا موجب صوبي ننگرهار ۾ هٿياربند جي حملي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، حملو ڪندڙ گيسٽ هائوس وٽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي ڪري طالبان جو اڳوڻو اهلڪار به مارجي ويو جڏهن ته واقعي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منقتل ڪيو ويو.
فائرنگ کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو وڏو انگ طلب ڪري داخلي ۽ خارجي رستن تي سرچنگ ڪئي، هن واقعي جي ذميواري اڃان تائين ڪنهن به قبول ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔