اردوان جو جوبائيڊن کان”آرمينيائي نسل ڪشي“ بابت فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

ترڪ صدر رجب طيب اردوان آمريڪي صدر جوبائيڊن کان خلافت عثمانيا جي دور ۾ آرمينيائي ويڙهه کي نسل ڪشي قرار ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب طيب اردوان جو چوڻ هو ته غلط قدم سان لاڳاپن ۾ فرق اچي ويندو ۽ آمريڪا کي مشورو آهي ته آئينو ڏسو جڏهن ته ترڪي هن وقت به آرمينيا سان سٺن لاڳاپن جي لاءِ ڪوشان آهي.
ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ هن چيو ته آمريڪي صدر بدقسمتي سان واقعي بابت بي بنياد، غيرمنصفاڻو ۽ غير حقيقي بيان ڏنو آهي جيڪو اسان جي خطي ۾ هڪ صدي اڳ پيش آيو هو.
هن ترڪي ۽ آرمينيا جي تاريخدانن کان مطالبو ڪيو ته هو ان وقعي جي تحقيقات جي لاءِ ڪا گڏيل ڪميشن تشڪيل ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔