انصام الحق سينئر جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ واپسي جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور:انصام الحق سينئرز جي قومي ٽيم ۾ واپسي جي حمايت ڪري ڇڏي
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ضرورت آهي ته هنن کي موقعو ڏيڻ ۾ ڪو حرج ناهي، اڳوڻي ڪپتان چيو ته اسان کي سليڪشن معاملي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، اهو نٿو چئي سگهجي ته اهڙا رانديگر موجود ناهن جيڪي ٽيم ۾ اچي پرفارم نٿا ڪري سگهن، هنن کي غور هيٺ آڻڻ گهرجي پوءِ اهي سينئرز ڇو نه هجن.
هن وڌيڪ چيو ته ٽيم چونڊڻ وقت اهو ڏسڻ گهرجي قومي ٽيم تشڪيل ڏني پئي وڃي ڪا انڊر 19 سائيڊ ناهي، پاڪستان لاءِ جيڪو به سٺو هجي اهو ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔