ٽين شادي جي افواهن تي عامر لياقت وضاحت ڪري ڇڏي

ڪراچي: قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ مشهور اينڪرپرسن عامر لياقت حسين پنهنجي ٽين شادي وارن افواهن تي وضاحتي وڊيو جاري ڪئي آهي.
پاڪستاني سوشل ميڊيا تي عامر لياقت جي ٽين شادي وارين خبرون گردش ڪري رهيون آهن، هانيا خان نالي عورت جيڪا پاڻ کي اداڪاره ۽ ماڊل ٻڌائي ٿي ان دعوا ڪئي آهي ته هوءَ عمار لياقت جي ٽين زال آهي.
هن ڪجهه تصويرون به سوشل ميڊيا تي رکيون آهن ۽ گفتگو جي ريڪارڊنگ به رکي آهي، هانيا عامر لياقت جي ٻين زال سيده طوبيٰ تي الزام هنيو ته طوبيٰ هن جي مٿان ڪارو جادو ڪيو آهي.
عامر لياقت ٽين شادي جي وضاحت ڪندي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هانيا خان سان شادي جي ترديد ڪندي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”هونءَ به تون ماشاء الله منهنجون ٽي چار شاديون ڪرائي چڪي آهين پر منهنجي هڪ ئي شادي آهي جيڪا طوبيٰ سان ڪئي آهي.“

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔