عمران خان اميرن لاءِ الڳ ۽ غريبن لاءِ الڳ پاڪستان ٺاهيو آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻه نه هڪ پاڪستان جو نعرو هڻندڙ عمران خان اميرن لاءِ الڳ ۽ غريبن لاءِ الڳ پاڪستان ٺاهيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نئين پاڪستان جي ايمنسٽي اسڪيمن ۾ ٽيڪس چورن لاءِ رليف آهي ۽ ٽيڪس ڏيندڙ پگهار دار طبقي لاءِ مهانگائي آهي، ڇا مزدورن ۽ آبادگارن کان سبسڊي کسي رڳو اميرن کي نوازڻ عمران خان جي تبديلي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اڻ برابر معاشي پاليسين سبب امير ۽ غريب ۾ فرق گهرو ٿيندو پيو وڃي، پ پ اڪيلي پارٽي آهي، جيڪا عام ماڻهن جي حالتن کي سامهون رکي معاشي پاليسيون ٺاهيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔